جهانگير قريشي

جهانگير قريشي

جهانگير قريشي

جهانگير قريشي: ريڊيو پروڊيوسر جهانگير قريشي، 29 جون 1949ع تي ڪراچيءَ ۾ ڄائو. سندس والدين اصل روهڙيءَ جا هئا. هن پرائمري تعليم ڪراچيءَ جي سيد محمد شاهه غازي پرائمري اسڪول لياريءَ مان حاصل ڪئي. مئٽرڪ اين. جي. وي اسڪول ڪراچيءَ مان 1964ع ۾ ڪيائين، انٽر سال 1966ع حاجي عبدالله هارون ڪاليج ڪراچيءَ مان ڪيائين، ان وقت اردوءَ جو مشهور شاعر ۽ اديب فيض احمد ’فيض‘ ڪاليج جو پرنسپال هو ۽ سنڌي ٻوليءَ جو مشهور شاعر ۽ اديب رشيد احمد لاشاري اتي سنڌي پڙهائيندو هو. کيس ذهين شاگرد هجڻ جي حيثيت ۾ فيض احمد فيض ۽ لاشاري صاحب جي ويجهو رهڻ ۽ سکڻ جو موقعو مليو، ڪاليج جي ڪلچرل ڪميٽيءَ جي اسٽيج پروگرامن ۾ کيس ٻنهي استادن جي رهنمائي حاصل رهي. هن 1970ع ۾ هن حيدرآباد مان اليڪٽريڪل ٽيڪنالاجيءَ ۾ ٽن سالن جو ڊپلوما به ڪيو هو ۽ مختلف محڪمن ۾ اليڪٽريڪل انجنيئر جي حيثيت ۾ ڪم به ڪيو. جهانگير قريشي اسٽيج پروگرامن، ڊرامن ۽ موسيقيءَ جي شوق جي ڪري اپريل 1972ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي اناؤنسر واري آڊيشن ۾ ڪامياب ٿيو. جتي پنج سال ڪانٽريڪٽ تي اناؤنسر ٿي رهيو. ان وچ ۾ سنڌي ادب ۾ ايم. اي به ڪيائين. هن 1977ع ۾ پروڊيوسر جو امتحان ڏيئي ڪاميابي ماڻي. موسيقيءَ جي پروگرامن ۾ ’وياسي وينجهار‘ (ڪلاسيڪل فنڪارن جي فن ۽ زندگي تي دستاويزي پروگرام)، ’ڪافي رنگ‘، ’سُر سينگار‘ پيش ڪيائين. اهڙيءَ طرح هن ڪيترا ئي ڊراما نشر ڪيا، خاص ڪري ’شاهه جون سورميون‘ عنوان هيٺ مشتاق چنگيزيءَ جي لکيل ستن ئي سورمين بابت تحريرين کي ڊرامائي شڪل ڏيئي نشر ڪرايائين، جن ۾ مرڪزي ڪردار سيد صالح محمد شاهه، سيما پنهور ۽ شميم سومرو ادا ڪيا. حيدرآباد ريڊيو تي هن جي 17 ساله ملازمت واري عرصي ۾ شاهه جو ڪلام تحت الفظ سيد صالح محمد شاهه جي آواز ۾ رڪارڊ ڪري هلايو ويو. سنڌي موسيقي ۽ سنڌي ڊرامن کان سواءِ ٻيا ڪيترا اهم پروگرام سندس ذمي رهيا.خيرپور ريڊيو تي به جهانگير قريشيءَ، سنڌي ڊراما نشر ڪيا، جن جا مشهور اداڪار سعيد احمد واگهو، مظهر شيخ ۽ يحيٰ ڀٽو وغيره اڳتي هلي ٽيليويزن جا مشهور اداڪار بڻيا. هن ريڊيو پاڪستان خيرپور جي سالگره جي موقعي تي ان وقت جي نامور براڊڪاسٽر ۽ اسٽيشن ڊائريڪٽر خواجه امداد عليءَ سان گڏجي اسٽيج پروگرام پيش ڪيا. جهانگير قريشيءَ کي ريڊيو پاڪستان هيڊڪوارٽر اسلام آباد پاران سنڌي موسيقي ۽ سنڌي ڊرامن تي بهترين پروڊيوسر جا ڪيترا اوارڊ مليا. سنڌ جي مختلف ثقافتي تنظيمن به کيس اوارڊ ڏنا. موسيقيءَ جي رڪارڊنگ ۾ غلام حسين شيخ سندس رهنمائي ڪئي. هن موسيقيءَ جي فن جي باقاعدي سکيا استاد محمد جمن، استاد نياز حسين، استاد امانت علي خان کان حاصل ڪئي. جهانگير قريشي کي 2002ع ۾ ڪراچي FM-101 تان لاڙڪاڻي FM تي ڊائريڪٽر جي حيثيت ۾ بدلي ڪيو ويو، جتان هن 14 جولاءِ 2003ع تي مقرر تاريخ کان 7 سال اڳ ڪن ذاتي مجبورين سبب رٽائرمينٽ ورتي ۽ هن وقت حيدرآباد ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ جهانگير قريشيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1949.06.29  عيسوي

ريڊيو پروڊيوسر جهانگير قريشي، 29 جون 1949ع تي ڪراچيءَ ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پنڊت ديودت شرما
اي آر بلوچ
راجا ڪنشڪ
پرمانند کتري
ڀڳت پنجو رام
بدر ڌامراهو
توتان
غلام حسين انڙ حاجي
امداد حيدر سولنگي
خداداد خان (ثاني)
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون